سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني رهندي

sakiq nisar

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار  چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني رهندي، ڪنهن به جج کي مرضي سان فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي، اسان جمهوريت کي پائمال ٿيڻ نه ڏينداسين.

لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته سپريم ڪورٽ آصف سعيد کوسا کانسواءِ اڻپوري آهي، ڪهڙي ڪهڙي هيري جج جو نالو کڻان.

چيف جسٽس چيو ته جسٽس آصف سعيد منهنجي بينچ جو اهم حصو آهي، سپريم ڪورٽ هڪ آزاد ادارو آهي، ماڻهن جي چوڻ سان اسان کي ڪو فرق نٿو پوي.

هن چيو ته بينچ جا سڀئي ماڻهو ايمانداري ۽ قابليت جو بهترين مثال آهن، عدليه آزاد آهي اوهان کي فخر هئڻ گهرجي.

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته وڪالت ڊاڪٽري جي پيشي کان گهٽ ناهي، بار ۽ بينچ هڪ جسم جا ٻه حصا آهن.

چيف جسٽس چيو ته بار ۽ بينچ مان هڪ مفلوج ٿئي ته ادارو مفلوج ٿي ويندو آهي، فتنو ختم ڪندڙ ماڻهو وڏا عظيم هوندا آهن.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته انصاف فراهم ڪرڻ ڪنهن تي ٿورو نه پر ذميواري آهي، عدليه جو ڪم فتنو ختم ڪرڻ آهي.

هن چيو ته جج فيصلي وقت قانون جو پابند آهي، ڪنهن به جج کي مرضي سان فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي.

چيف جسٽس چيو ته اسان کي مزو ناهي وٺڻو قانون موجب فيصلا ڪرڻا آهن، بدقسمتي سان ملڪ ۾ گهڻا مسئلا آهن پر مايوس ناهيون.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته ديانتداري سان انصاف فراهم نٿا ڪري سگهو ته پوءِ گهر وڃي ويهي رهو، آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جو واعدو پورو نه  ڪيو ته منهنجي ڳچي ۽ اوهان جا هٿ هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*