وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڌرڻن ۽ رنڊڪن باوجود ملڪ جي ترقي وارو سفر جاري رهيو

pm in bhakar

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڌرڻن ۽ رنڊڪن باوجود ملڪ جي ترقي وارو سفر جاري رهيو، پهريون ڀيرو اقتدار جي اداري تي ئي لعنت وڌي وئي، هي ڪهڙي قسم جي سياست آهي.

بکر ۾ صحت ڪارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته عوام جي خدمت جو موقعو ن ليگ ۽ نواز شريف جي حصي ۾آيو آهي.

هن چيو ته ملڪ جي هر شهر ۾ گيس فراهم ٿي رهي آهي، نواز شريف ترقياتي ڪم ڪرائي ثابت ڪيو ته نواز ليگ نعرن واري نه پر ڪم واري پارٽي آهي.

وزيراعظم چيو ته هيلٿ ڪارڊ غريب کي قرض وٺڻ کان بچائيندو، ن ليگ هميشه صوبن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته سڀني وٽ حڪومت آهي پر ڪير ڪم نه ڪري سگهيو، مال روڊ لاهور واري جلسي ۾ تقريرون ڪندڙ گهڻا ۽ ٻڌڻ وارا گهٽ هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*