مسلم ليگ نون اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته هريپور وارن هر وقت سازشين کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي

mariyam nawaz haripur

مسلم ليگ نون اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته هريپور وارن هر وقت سازشين کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي،سازشن باوجود هر ڀيري عوام نواز شريف کي چونڊيو آهي.

هريپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته چونڊيل وزيراعظم کي 5ججن اقاما جي نالي تي گهر موڪلي ڇڏيو، جنهن کي عوام تسليم نه ڪيو آهي.

هن چيو ته پاناما ۽ اقاما جو پٽڪو ڪندڙ خالي ڪرسين تي روئن پيا، 2018 ۾ڌانڌلي جو پٽڪو نه ڪجو خالي ڪرسيون ووٽ ناهن ڏينديون.

مريم نواز چيو ته مخالف نه استعيفيٰ وٺي سگهيا نه ئي وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي سگهيا آهن.

هن چيو ته ناڪامي جو پلاند پارليامينٽ کي گاريون ڏئي ورتو ويو آهي، شڪست مخالفن جو مقدر آهي، جن چئن سالن ۾ ڪجهه به ناهي ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*