اليڪشن ٽربيونل لاهور اين اي هڪ سئو 22 تي آڱوٺن جي نشاني سميت سموري رڪارڊ جي جاچ پڙتال جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اليڪشن ٽربيونل لاهور، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي تڪ اين اي هڪ سئو 22 تي اڱوٺن جي نشانن سميت سموري رڪارڊ جي جاچ پڙتال جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ٽربيونل لاهور جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ ڪاظم ملڪ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

اليڪشن ٽربيونل حڪم ڏنو ته نادرا ووٽن جي اڱوٺن جي نشانن، بيلٽ پيپر ۽ ٻين رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪري هڪ مهيني اندر رپورٽ پيش ڪري.

اليڪشن ٽربيونل پي پي هڪ سئو 47 تي تي به ووٽن جي تصديق نادرا کان ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عمران خان اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪندي استدعا ڪئي هئي ته هڪ سئو 84 پولنگ اسٽيشنز جي رڪارڊ جي ٻيهر جاچ پڙتال ڪرائي وڃي، جنهن جي اسپيڪر اياز صادق جي وڪيل مخالفت ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*