لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي حيدر آباد ۾ ملازمت لاءِ انٽرويوز لاءِ اميدوارن جو وڏو انگ اچڻ سبب بدنظمي ٿي پئي

lumhs hyderbad badnazmi

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي حيدر آباد ۾ ملازمت لاءِ انٽرويوز لاءِ اميدوارن جو وڏو انگ اچڻ سبب بدنظمي ٿي پئي، جنهن سبب پوليس کي اچڻو پيو، جنهن لٺبازي ڪري صورتحال تي ضابطو آندو.

لمس حيدر آباد ۾ گريڊ هڪ کان 5 تائين جي 150 سيٽن لاءِ 25 کان 30 هزار اميدوار پهتا.

اميدوارن جي ٻن ٽولن ۾ جهيڙي سبب بدنظمي واري صورتحال پيشي ٿي وئي، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس کي گهرايو ويو.

پوليس لمس يونيورسٽي پهچي جهيڙندڙ اميدوارن کي ڇڙوڇر ڪري صورتحال تي ضابطو آندو.

لمس انتظاميا ٻڌايو ته گريڊ هڪ کان 5 جي ملازمتن لاءِ 150 سيٽن تي اميد وارن جا انٽريو ٿيڻا هئا، پر امڪان کان وڌيڪ 25 کان 30 هزار اميدوار آيا.

لمس انتظاميا چيو ته اميدوارن ۾ جهيڙي سبب بدنظمي ٿي، جنهن ڪري ملازمت لاءِ انٽرويو ملتوي ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*