پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ججز پنهنجو ڪم ڪرڻ کان علاوه ٻيو سڀ ڪجهه ڪم ڪري رهيا آهن

bilawal bhutto tweet

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ججز پنهنجو ڪم ڪرڻ کان علاوه ٻيو سڀ ڪجهه ڪم ڪري رهيا آهن، آئيني سڌارن جي ڪميشن کي هڪ سال ۾ چار ڀيرا اجلاس گهرائڻو پوندو آهي پر 2015 کان هن وقت تائين هڪ به اجلاس نه ٿيو آهي،  جهن سبب ملڪ ۾ انصاف جو برو حال آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ججز پنهنجو ڪم ڪرڻ کان علاوه ٻيو سڀ ڪجهه ڪم ڪري رهيا آهن،

هن چيو ته آئيني سڌارن جي ڪميشن جي سربراهي چيف جسٽس پاڻ ڪندو آهي، جنهن جا ميمبر چئني صوبن جا چيف جسٽس هوندا آهن،

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته آئيني سڌارن جي ڪميشن کي هڪ سال ۾ چار ڀيرا اجلاس گهرائڻو پوندو آهي پر 2015 کان هن وقت تائين هڪ به اجلاس نه ٿيو آهي،

هن چيو ته ججز سياست سياست کيڏي رهيا آهن ۽ اهي سڀ ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي کين نه ڪرڻ گهرجن،

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ججن پاران پنهنجو ڪم  نه ڪرڻ سبب پاڪستان ۾ انصاف جو برو حال آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*