ڀارتي اڳرائي کان نه مڙيو، نيڪال سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ سبب 2 شهري شهيد ٿي ويا

LOC-Firing-13917

ڀارتي اڳرائي کان نه مڙيو، نيڪال سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ سبب 2 شهري شهيد ٿي ويا، پرڏيهي آفيس ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. 

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، ايل او سي جي نيڪال سيڪٽر تي ڀارتي فوج بنا جواز فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 33 ورهين جو دل محمد ۽ 25 ورهين جي نفيسا شهيد ٿي ويا.

ترجمان موجب، ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾  26 ورهين جي صاحبه، ۽ ڇهن مهينن جي نينگري نور ۽ 38 ورهين جي نسيما زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي خلاف پرڏيهي آفيس ڀارتي ڊپٽي ڪمشنر جي پي سنگهه کي پنجون ڀيرو  طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي احتجاجي خط به ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شهري آبادي تي فائرنگ انساني حقن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت 2003ع جي جنگبندي جي ٺاهه تي عمل ڪري گڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*