پنجاب ۾ ڪمند جو گهٽ اگهه ڏيندڙ شگرملز مالڪن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو

sugar-mills-in-sindh

پنجاب ۾ ڪمند جو گهٽ اگهه ڏيندڙ شگرملز مالڪن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو، پوليس 2 جنرل مئنيجرز ۽ هڪ ڪين مئنيجر کي گرفتار ڪري ورتو، وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته آبادگارن کي ڪمند جو امدادي اگهه ڏيارڻ سان گڏ شگرملز مالڪن کي امدادي اگهه تي پابند بڻايو ويندو.

پنجاب ۾ ڪمند جو گهٽ اگهه ڏيندڙ شگرملز مالڪن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي،

اوڪاڙا ۾ آبادگارن کان سرڪاري اگهه کان گهٽ معاوضي تي زبردستي ڪمند خريد ڪندڙ شگر ملز خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

ذريعن موجب پوليس ڪارروائي ڪندي عبدالله ۽ بابا فريد شگر ملز جي جنرل مئنيجرن کي گرفتار ڪيو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته آبادگارن کي ڪمند جو امدادي اگهه ڏيارڻ سان گڏ شگرملز مالڪن کي امدادي اگهه تي پابند بڻايو ويندو.

واضح رهي ته حڪومت طرفان شگر ملز مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ عبدالله شگر ملز، بابا فريد شگر ملز ۽ مڪا شگر ملز شامل آهي.

ملز مالڪن تي الزام آهي ته هنن حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهه کان گهٽ معاوضي تي آبادگارن کان زبردستي ڪمند خريد ڪيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*