ڪوئيٽا ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايئرپورٽ ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او شهيد ٿي ويو

Quetta-map-1816

ڪوئيٽا ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايئرپورٽ ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او شهيد ٿي ويو.

پوليس موجب،فضل الرحمان پنهنجي گاڏين جي دڪان ۾ ويٺو هو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ورتو.

اطلاع تي پوليس پهچي اڳوڻي ايس ايڇ او فضل الرحمان کي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪيو ته رستي ۾ ئي هن دم ڏئي ڇڏيو.

پوليس موجب، جوابدار فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن، جن کي پڪڙڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*