جماعت اسلامي، نقيب الله جي قاتلن خلاف ڪارروائي لاءِ سنڌ سرڪار کي 10 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي

siraj-ul-haq14

جماعت اسلامي، نقيب الله جي قاتلن خلاف ڪارروائي لاءِ سنڌ سرڪار کي 10 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته رائو انوار ايترو بهادر آهي ته کيس پاڪ- ڀارت سرحد تي موڪليو وڃي، جوابدارن خلاف ڪارروائي مان نقيب جا وارث مطمئن نه ٿيا ته 31 جنوري تي ڪراچي ۾ گرينڊ جرڳو ڪرائي احتجاج ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق، نقيب محسود ۽ ٻين نوجوانن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته تعداد پورو ڪرڻ لاءِ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي، جڊيشل ڪميشن ٺهڻ تائين جاچ قبولڻ جوڳي ناهي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته آصف زرداري ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندو آهي، نقيب جا گهروارا آصف زرداري کان انصاف جا منتظر آهن.

هن چيو ته نقيب ڏوهاري هو ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها، معطلي ۽ بدلي ڪا سزا ناهي هوندي.

سراج الحق چيو ته رائو انوار ايترو بهادر آهي ته کيس پاڪ- ڀارت سرحد تي موڪليو وڃي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته نقيب جي قاتلن خلاف 10 ڏينهن تائين اثرائتي ڪارروائي نه ٿي ته 31 جنوري تي ڪراچي ۾گرينڊ جرڳو ڪوٺائي اسخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*