سپريم ڪورٽ قصور ۾ قتل ٿيل معصوم نينگري زينب جي واقعي جي جاچ ڪندڙ ادارن کي 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي

qasoor ningri agwa bad qatal

سپريم ڪورٽ قصور ۾ قتل ٿيل معصوم نينگري زينب جي واقعي جي جاچ ڪندڙ ادارن کي 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي، ٽن ڏينهن اندر ڪرڻو آهي، زينب جي قاتل کي 72 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ زينب قتل ڪيس ۾  پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي سول سوسائيٽي پاران ڌرڻ بڻجڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ خصوصي بينچ قصور ۾ 7 ورهين جي معصوم نينگري زينب جي قتل ڪيس جي پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي. متاثر ٻارڙن ۽ ٻارڙين جا والدين پيش ٿيا. 

ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه محمد ادريس ۽ پنجاب فرانزڪ ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل، چيف جسٽس کي ملٽي ميڊيا تي بريفنگ ڏني.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته 2 ٿاڻن جي حدن ۾ لاڳيتو واقعا ٿيا، ڪنهن انڪوائري ڇو نه ڪئ؟.

زينب قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه آر پي او ملتان محمد ادريس عالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي.

جي آءِ ٽي طرفان عدالت کي زينب قتل ڪيس تي جاچ جي حوالي سان ملٽي ميڊيا تي بريفنگ ڏني وئي.

جي آءِ ٽي سربراهه محمد ادريس عدالت کي ٻڌايو ته زينب پنهنجي ماسيءَ جي گهر پڙهڻ ويندي، جيڪو سندس گهر کان 300 ڪلو ميٽر پري آهي.

جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته زينب جو ڀاءُ ساڻس گڏ ويندو هو، جنهن ڏينهن واقعو پيش آيو، ان ڏينهن زينب سان سندس ڀاءُ گڏ نه هو.

جي محمد ادريس چيو ته 4 جنوري تي واقعو پيش آيو، زينب شام جو 7 وڳي گهر کان پڙهڻ لاءِ نڪتي ساڍي 9 وڳي 15 ذريعي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.

جي آءِٽي سربراهه وڌيڪ ٻڌايو ته 2015 کان هن وقت تاين 8 واقعا پيش آيا، جن ۾ هڪ ئي شخص جو ڊين اي مليو آهي.

جي آءِ ٽي موجب، اهي سمورا واقعا ٽن ٿانڻ جي حدن ۾ پيش آيا، ان کان اڳ به 2 واقعا  صدر ڊويزن جي ٿاڻن جي حدن ۾  پيش آيا. 

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو ڪهڙو ايس ايڇ او آهي، جيڪو ٽن سالن کان مقرر آهي، ٻڌو آهي ته  شڪايتن باوجود ايس ايڇ او کي نه هٽايو ويو.

پوليس جي جاچ رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيف جسٽس چيو ته اهڙا واقعا ٿي ويا، پوليس ڇا پئي ڪري ٻن ٿاڻن جي حدن ۾ لاڳيتو اهڙا واقعا ٿيا پر ڪنهن به جاچ نه ڪئي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڊي اين کان ٻاهر نڪري به زينب قتل ڪيس جي جاچ ڪري.

عدالت سول سوسائيٽي پاران زينب قتل ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ واري داخل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته زينب قتل ڪيس ۾ سول سوسائيٽي کي ڌر بڻائڻ جي اجازت ڏني وڃي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سول سوسائيٽي جي ڌر بڻجڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، اسان کي سول سوسائيٽي کان وڌيڪ خبر  آهي ته ڪنهن کي انجام تائين پڄائڻو آهي.

چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو ته ڪنهن کي  به سستي شهرت لاءِ استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

عدالت  زينب قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ  ادارن کي 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏيندي چيو ته  جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي، ٽن ڏينهن  اندر ڪرڻو آهي،  72 ڪلاڪن بعد زينب جي قاتل کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*