ڪراچي جي سيشن جج ڏکڻ ظافر زبيري قتل ڪيس جو عبوري چالان منظور ڪندي جوابدارن کي 25 جنوري تي پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

Court-Order-21317

ڪراچي جي سيشن جج ڏکڻ ظافر زبيري قتل ڪيس جو عبوري چالان منظور ڪندي جوابدارن کي 25 جنوري تي پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڪراچي جي سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ظافر زبيري قتل ڪيس ۾ پوليس پاران عبوري چالان پيش ڪيو ويو جنهن ۾ خاور برني، جنيد شاهه ۽ عبدالرحمن کي نامزد ڪيو ويو.

چالان ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدار خاور برني جي پسٽل ۽ واقعي واري هنڌان مليل خول ميچ ٿيا آهن، جڏهن ته ظافر زبيري تي گوليون خاور برني هلايون هيون.

عبوري چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جوابدان جي گاڏين جي به سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.

عدالت عبوري چالان منظور ڪندي جوابدارن کي 25 جنوري تي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*