اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته ملڪ ۾ هاڻ اهڙيون فلمون ٺهڻ شروع ٿي ويون آهن

mahirah khan

 اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته ملڪ ۾ هاڻ اهڙيون فلمون ٺهڻ شروع ٿي ويون آهن، جن جي پرڏيهه ۾ نمائش ڪري سگهجي ٿي، ميڊيا موجب هن چيو ته جيڪڏهن فلمن کي مختلف ملڪن جي مقامي ٻولي ۾ پيش ڪرڻ جو انتظام ڪيو وڃي ته اهو وڌيڪ بهتر رهندو.

 پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته وڏي عرصي بعد اسان جي ملڪ ۾ معياري فلمون ٺهڻ شروع ٿي ويون آهن، انهن جي نمائش لاءِ اسان کي پرڏيهي مارڪيٽ ڳولڻ گهرجي.

 ميڊيا موجب ماهرا خان وڌيڪ چيو ته اهڙين فلمن ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي ذريعي اسان دنيا کي ٻڌائي سگهون ته پاڪستان دنيا جي ڏکيائين جو سبب ناهي پر اسين خود دهشتگردي جو شڪار آهيون ۽ اسان جي قوم ان لاءِ بي پناهه قربانيون ڏئي رهي آهي……..  

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*