سنڌ اسيمبلي پارليامينٽ خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد خلاف مذمتي ٺهراءُ يڪراءِ سان منظور ڪري ورتو آهي

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي پارليامينٽ خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد خلاف مذمتي ٺهراءُ يڪراءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته عمران خان ۽ شيخ رشيد گٿا لفظ ڳالهائڻ تي قوم کان معافي وٺن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو.

نندڪمار گوڪلاڻي ٿرپاڪر ۾ غذائي قلت سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته گذريل ڪجهه عرصي ۾ 3 سئو کان وڌيڪ ٻار فوت ٿي ويا آهن، حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟

صحت واري وزير سڪندر مينڌرو جواب ڏنو ته ٻارن جي فوتگي هڪ ڏينهن ۾ ناهي ٿي، هڪ ٻار نمونيا سبب فوت ٿيو آهي، جنهن جي عمر 4 مهينا هئي ۽ چئن مهينن جي ٻار کي ماءُ جي کير کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو ويندو.

خوراڪ کاتي بابت سوالن جوابن دوران صوبائي وزير نثار کهڙو انڪشاف ڪندي چيو ته سنڌ ۾ گذريل 6 سالن دوران ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سکر ريجن ۾ 2 سئو 93 ملين، ڪراچي ريجن ۾ 79 ملين ۽ ميرپورخاص ۾ 170 ملين رپين جي ڪڻڪ ۾ ڪرپشن ڪئي وئي.

پيپلز پارٽي جي غزاله سيال ۽ ايم ڪيو ايم جي ظفر ڪمالي پارليامينٽ خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي عمران خان ۽ شيخ رشيد خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو بحث بعد يڪراءِ سان منظور ڪيو ويو.

ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته عمران ۽ شيخ رشيد سپريم اداري تي لنعت وجهي سڄي قوم جي توهين ڪئي آهي، جنهنڪري هاڻ سڄي قوم کان معافي وٺن.

ٺهراءُ منظور ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*