گھوٽڪي ويجهو گهرو اڻبڻت تان جوابدار گهٽا ڏئي گهرواري کي قتل ڪري ڇڏيو

ghotkimap11-9

گھوٽڪي ويجهو گهرو اڻبڻت تان جوابدار گهٽا ڏئي گهرواري کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.

 ڳوٺ علي مھر ۾ غلام ياسين مهر گهرو اڻبڻت تان گهرواري مسمات شبيران کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. 

پوليس مقتولا عورت جو لاش تعلقي اسپتال گهوٽڪي مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيئن مقتولا عورت جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*