لاڙڪاڻي ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي

larkana bah dndr nojawan

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، کيس چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽر موجب سندس جسم 30 کان 35 سيڪڙو سڙي ويو آهي.

شاهه بهارو ڪالوني جي رهواسي نوجوان محمد علي شيخ بيروزگاري کان تنگ ٿي پريس ڪلب اڳيان پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، کيس چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر موجب نوجوان محمد علي شيخ جو جسم 30 کان 35 سيڪڙو سڙي ويو آهي.

اسپتال ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوان محمد علي شيخ چيو ته غريب سبب ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي، جنهن ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*