نوابشاهه ۾ يونين ڪائونسل ايمپلائيز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو

nawabshah

نوابشاهه ۾ يونين ڪائونسل ايمپلائيز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

يونين ڪائونسل ايمپلائيز جي مرڪزي سڏ تي نوشهرو فيروز، سانگهڙ ۽ بينظير آباد ڊويزن جي سوين ملازمن مختلف چوراهن تان مارچ ڪندي مرڪزي صدر نور احمد بروهي، عبدالغفار جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نعريبازي ڪري نوابشاهه پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته سنڌ جو سيڪريٽري يونين ڪائونسلر ستين گريڊ ۾ ڀرتي ٿئي ٿو ۽ 60 سال نوڪري ڪري ساڳي گريڊ رٽائر ٿئي ٿو، جڏهن ته پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ سيڪريٽري جي پوسٽ 11/14 ۽ 16هين ۾ آهي پر سنڌ جي سيڪريٽري جي پوسٽ اپگريڊ ٿيل نه آهي ان ڪري سيڪريٽري جي پوسٽ اپگريڊ ڪري 11 کان 16هين گريڊ ۾ اپگريڊ ڪيو وڃي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته  اسان کي گورنمنٽ ٽريزري مان پگهارون، پينشن، ٽائيم اسڪيل ۽ يوٽيلٽي ۽ ڪنونس الائونس سان گڏ سفري الائونس پڻ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*