اورڪزئي ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد 16 زخمي ٿي پيا

اورڪزئي ايجنسي ويجهو سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب، شيرين درا واري علائقي ۾ قائم سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي جديد هٿيارن سان ليس دهشتگردن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.

سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن جي وڏي انگ فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو پر فورسز پاران وقت سر جوابي ڪارروائي ڪندي حملو ناڪام بڻايو ويو.

سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته هڪ اڳ سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*