في الحال هدايتڪاري يا ڳائڻ جو ڪو به شوق نه آهي، بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور

 بالي ووڊ جي اداڪارا ڪرينا ڪپور جو چوڻ آهي ته في الحال پروڊڪشن، هدايتڪاري يا وري ڳائڻ جو ڪو به شوق نه آهي.

 ممبئي ۾ خابرو اداري سان ڳالهائيندي ڪرينا ڪپور چيو ته ڪيترن ئي هنڌن تان فيشن، هدايتڪاري، پروڊڪشن جي آڇ ٿي آهي پر منهنجو سڄو ڌيان اداڪاري تي آهي.

 ڪرينا جو وڌيڪ چوڻ هو ته شايد مون ۾ ايتري اهليت نه آهي جو مان پروڊيوسر واري ٽوپي پائي وٺان ان جي لاءِ صحيح وقت جي ضرورت آهي.

ڪرينا ممبئي ۾ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته مون کي اداڪاري سان گهڻي دلچسپي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*