سپريم ڪورٽ نقيب الله محسود قتل ڪيس جي پاڻمرادي نوٽيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار کي طلب ڪندي

ssp rao

سپريم ڪورٽ نقيب الله محسود قتل ڪيس جي پاڻمرادي نوٽيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار کي طلب ڪندي گهرو وزارت کي سندس نالو فوري طور اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ نقيب الله محسود قتل ڪيس جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. 

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته خبر پئي آهي ته رائو انوار جاچ ڪميٽي آڏو پيش نه ٿي رهيو آهي. اسان اڳوڻي ايس ايس پي ملير کي نوٽيس جاري ڪري طلب ڪري رهيا آهيون.

سپريم ڪورٽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي حڪم ڏيندي چيو ته رائو انوار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي 27 جنوري سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٿيندي، آءِ جي سنڌ به ذاتي حيثيت سان پيش ٿئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*