لاهور هائيڪورٽ ۾ سواهن فلو جي روڪٿام لاءِ درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي آهي

Lahore-High-Court-81116

لاهور هائيڪورٽ ۾ سواهن فلو جي روڪٿام لاءِ درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي آهي، درخواستگذار چيو آهي ته پنجاب ۾ سوائن فلو تيزي سان پکڙجي رهي رهيو آهي، اسپتالن ۾ ويڪسين موجود نه آهي، مريضن کي آگاهي جي لاءِ حڪومت کي مهم  هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

لاهور هائيڪورٽ ۾ سوائن فلو جي روڪٿام لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي،

درخواستگذار پاران وفاقي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۽ صحت جي وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته موجوده حڪومت جي ناقص پاليسين سبب ڊينگي سميت ٻيا موذي مرض تيزي سان پکڙجي رهيا آهن، هاڻ پنجاب ۾ سوائن فلو به پکڙجڻ لڳو آهي.

درخواستگذار چيو ته پنجاب حڪومت سوائن فلو جي روڪ ٿام لاءِ حفاظتي انتظام نه ڪيا ويا، جڏهن ته اسپتال ۾ سوائن فلو جي ويڪسين تائين موجود نه آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت سوائن فلو جي روڪٿام لاءِ مريضن جو مفت علاج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سوائن فلو جي آگاهي لاءِ حڪومت کي مهم هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

لاهور هائيڪورٽ ۾ سواهن فلو جي روڪٿام لاءِ درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*