پنجاب پوليس قصور ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري زينب جي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي

zainab qasoor

پنجاب پوليس قصور ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري زينب جي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارعمران جو ڊي اين اي ميچ ڪري ويو آهي، جوابدار زينب جي گهر ويجهو ڪوٽ روڊ جو رهائشي آهي،

قصور ۾  9 جنوري تي معصوم نينگري زينب جو لاش ڪچري جي ڍير تان هٿ آيو  هو، جنهن بعد احتجاجن دوران 2 ڄڻا پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويا هئا.

پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي به گرفتار ڪيو  هو، جڏهن ته شڪي ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ به ڪرائي وئي هئي.

اڄ پنجاب پوليس قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم نينگري جي قاتل کي گرفتار ورتو.

پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته زينب قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي دي اين اي ميچ ٿيڻ بعد گرفتار ڪيو ويو، جيڪو زينب جو مائٽ آهي، جنهن جي عمر 35 کان 36 سال آهي،

پوليس موجب، جوابدار کي اڳ به ٻارڙن سان زيادتي ڪرڻ جي الزام گرفتار ڪري بعد ۾ آزاد ڪيو ويو هو،

پوليس موجب، جوابدار کي 20 جنوري تي سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي گرفتار ڪيو ويو هو،

پوليس جو چوڻ آهي ته زينب قتل ڪيس جي جاچ دوران هڪ هزار 50 ماڻهن جي ڊي اين اي ڪرائي وئي هئي،

ٻئي طرف معصوم نينگري زينب کي قتل ڪندڙ عمران جي تصوير سامهون اچي وئي آهي، جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ جا تفصيل به منظر عام تي اچي ويا آهن.

جوابدار کي ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪ پتن مان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي سندس مائيٽن جي چوڻ تي آزاد ڪيو ويو هو.

جوابدار جو سڃاڻپ ڪارڊ ۾ نالو عمران علي ولد ارشد آهي، جيڪو محلا ڪوٽ روڊ قصور جو رهواسي آهي.

جوابدار عمران زينب جي گهر ويجهو رهندو آهي، سندس هڪ تصوير به منظرعام تي اچي وئي آهي، جنهن ۾ هو پٽڪو پهريل آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*