صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته نقيب الله قتل جي اڄ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي

Sohail-Anwar-Siyal-16716

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته نقيب الله قتل جي اڄ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، رائو انوار کي جاچ ٽيم تي خدشا آهن ته آءِ جي آڏو پيش ٿئي.

ڪراچي ۾ پوليس مقابلن ۾ مارجي ويل نوجوانن نقيب الله، انتظار احمد ۽ مقصود ڪيسن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ  گهرو وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته رائو انوار جي آصف زرداري سان واسطن جو اهو مطلب ناهي ته سندس دفاع ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڪنهن کي ڪٿي به اجازت ناهي ته بيگناهه کي ماريو وڃي.

سندس چوڻ هو ته نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي جي ڪم مان مطمئن آهيون، جاچ درست رخ ۾ وڃي رهي آهي.

صوبائي گهرو وزير چيو ته رائو انوار کي جاچ ڪميٽي اڳيان پيش ٿيڻ گهرجي ها، ميڊيا رپورٽس موجب هو پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

هن چيو ته قانون کان ڪير به مٿڀرو ناهي، نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ کانپوءِ باقاعده ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

سهيل انور سيال جو وڌيڪ چوڻ هو ته رائو انوار اسلام آباد مان پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو منهنجو معاملو ناهي، هوائي اڏن جو انتظام وفاقي سرڪار وٽ آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*