ميهڙ ويجهو اڻڄاتل جوابدارن آرا مشين مالڪ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

mehar

ميهڙ ويجهو اڻڄاتل جوابدارن آرا مشين مالڪ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي وارثن جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

باءِ پاس تي بخاري هوٽل ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن آرا مشين تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ آرا مشين جو مالڪ عطاءُ الله تيوڻو موقعي تي ئي مارجي ويو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

وارثن واقعي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول عطاءُ الله تيوڻو جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو .

احتجاج ڪندڙن چيو ته عطا الله تيوڻو کي جوابدارن بيگناهه قتل ڪيو آهي،پر  پوليس سندس قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*