ڪراچيءَ ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله محسود جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قبائلي اڳواڻن حڪومت کي 3 ڏينهن جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي

khi naqeeb

ڪراچيءَ ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله محسود جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قبائلي اڳواڻن حڪومت کي 3 ڏينهن جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.

سهراب ڳوٺ ۾ محسود قبيلي جي اڳواڻن جو جرڳو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ نقيب الله جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

قبائلي اڳواڻ قيوم محسود جرڳي کي خطاب ڪندي چيو ته هتي ڪيترائي نقيب محسود قتل ڪيا ويا آهن، وڪيلن اسان سان سهڪار ڪري اسان مٿان بار هلڪو ڪيو آهي.

هن چيو ته نقيب ڪيس پوري پاڪستان جو ڪيس آهي، رائو انوار هن وقت تائين 397 مقابلن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري چڪو آهي، ان معاملي تي جوڊيشل ڪائونسل جوڙي وڃي ته رائو انوار جا ڪارناما سامهون اچي ويندا.

محمد خان محسود چيو ته معاشري ۾ ڪاريون ۽ سفيد رڍون هر جڳهه تي هونديون آهن، اسان وڪيلن جي رهنمائيءَ تي شڪر گذار آهيون.

جرڳي ۾ اڳواڻن جو چوڻ هيو ته جيڪڏهن 3 ڏينهن اندر انصاف نه مليو ته محسود قبيلي جي طرفان ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*