ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي چيو آهي ته جاچ مان ثابت ٿي ويو آهي ته پوليس مقابلو جڙتو هيو، جنهن ۾ نقيب الله کي بيگناهه ماريو ويو

sana ullah abbasi ig

ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي چيو آهي ته جاچ مان ثابت ٿي ويو آهي ته پوليس مقابلو جڙتو هيو، جنهن ۾ نقيب الله کي بيگناهه ماريو ويو.

ڪراچيءَ ۾ محسود قبيلي جي جرڳي کي خطاب ڪندي نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي جي سربراهه ايڊيشل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي چيو ته امن امان قائم رکڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن کي خراب ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون ويون.

هن چيو ته جاچ ٽيم 14 ڪلاڪن ۾ ثابت ڪيو ته مقابلو جعلي هيو، جاچ ۾ ثابت ٿي ويو ته نقيب الله کي بيگناهه ماريو ويو.

ايڊيشنل آءِ جي جو چوڻ هو ته ڪنهن به اجازت ناهي ته ڪنهن کي بيگناهه قتل ڪيو وڃي، نقيب الله جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته دنيا ڏسندي ۽ وقت ٻڌائيندو ته پوليس نقيب الله قتل ڪيس ۾ ڇا ڇا ڪيو؟

هن چيو ته اسان ڪنهن جي به خلاف ناهيون، پر ڪنهن جي سرپرستي نه ڪنداسين، اسان هر هڪ جي لاءِ جوابده آهيون.

ثناءُ الله عباسي جو وڌيڪ چوڻ هو ته نقيب الله قتل ڪيس جي 3 رڪني اعليٰ سطح جي جاچ ڪميٽي ۾ ڊي آءِ جي سلطان خواجه ۽ ڊي آءِ جي آزاد خان شامل آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*