سرڪاري اسڪيم تحت حج درخواستون جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، قرعه اندازي جمعي تي ٿيندي

hajj

سرڪاري اسڪيم تحت حج درخواستون جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، قرعه اندازي جمعي تي ٿيندي.

سرڪاري حج اسڪيم تحت سڄي ملڪ جي سڀني نامزد بينڪن ذريعي لاڳيتو 9 ڏينهن کان حج درخواست وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن جو اڄ آخري ڏينهن اهي.

سرڪاري حج اسڪيم تحت 3 لک 25 هزار کان وڌيڪ درخواستون جمع ڪرايون ويون، جڏهن ته قرعه اندازي جمعي جي ڏينهن 26 فيبروري تي شام 4 وڳي ٿيندي.

مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف قرعه اندازي ڪندو،

قرعه اندازي کانپوءِ درخواستگذارن کي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو اطلاع ايس ايم ايس ذريعي ڏنو ويندو. جڏهن ته مذهبي معاملن واري وزارت جي ويب سائيٽ تي به نتيجا ڏسي سگهجن ٿا،

اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور مان مليل درخواستن جو تعداد 60، 60 هزا ر کان وڌيڪ آهي،

ملتان ۾ درخواستن جو تعداد 28 هزار، ڪوئيٽا 16 هزار، فيصل آباد 15 هزار، سيالڪوٽ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ درخواستون وصول ڪيون ويون آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*