پاڪستان ۽ سعودي عرب جا مذهبي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف  ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو پهچي ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سعودي جا مذهبي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، وقت گذرڻ سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

وزيراعظم نواز شريف سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض پهتو، جتي پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيو اعليٰ سطحي وفد ساڻس گڏ آهن.

رياض پهچڻ تي سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز وزيراعظم نواز شريف جي آجيان ڪئي.

وزيراعظم نواز شريف دوري دوران سعودي بادشاهه سميت ٻين اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزيراعظم دوري دوران عمرو پڻ ادا ڪندو.

وزيراعظم سعودي قيادت سان ملاقاتن دوران ٻه طرفن دلچسپيءَ وارن معاملن سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو.

سعودي روانگي کان اڳ جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي جا مذهبي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، وقت گذرڻ سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز پاڪستاني عوام جي دلين ۾ رهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*