احتساب عدالت پاران ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ڪرپشن ڪيس ۾ نيب جي شاهد تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو
احتساب عدالت پاران ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ڪرپشن ڪيس ۾ نيب جي شاهد تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ۾ جوابدار محمد صفدر، اطهر حسين ۽ ٻيا پيش ٿيا، ڊاڪٽر عاصم حسين پرڏيهه ۾ هئڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو.
نيب طرفان شاهد حسين کي پيش ڪيو ويو، شاهد طرفان پيش ڪيل دستاويز مڪمل نه هئڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي شاهد کي مڪمل دستاويز آڻڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي………