سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاق جي نا اهليءَ سبب سنڌ ۾ شگر ملز وقت سر پيڙهائي شروع نه ڪري سگهيون

cm hyd

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاق جي نا اهليءَ سبب سنڌ ۾ شگر ملز وقت سر پيڙهائي شروع نه ڪري سگهيون، هن وقت شگرملز انڊسٽري بحران جو شڪار آهي، عدالت کان مٿانهين قتل جي ڪنهن کي به اجازت ناهي، نقيب الله محسود ڪيس ۾ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.

حيدرآباد جي مختلف علائقن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته نقيب الله محسود ڪيس ۾ رائو انوار خلاف پوليس پنهنجي مطابق جاچ ڪندي، فرانزڪ ليبارٽري جي ڳالهه پهريان ئي هلي رهي هئي.

هن چيو ته ايڪسپورٽ نه ٿيڻ سبب شگر ملز انڊسٽري بحران جو شڪار آهي، وفاق جي نا اهليءَ سبب شگرملز وقت سر پيڙهائي شروع نه ڪري سگهيون.

سندس چوڻ هو ته فنڊ نه ملڻ ڪري منصوبن ۾ دير ٿي رهي آهي، خيبر کان سانگهڙ روڊ ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ مدر چائيلڊ هيلٿ ڪيئر سينٽر جو دورو ڪيو.

ترجمان موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي هيلٿ ڪيئر سينٽر جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي.

سيد مراد علي شاهه دوائن جي فراهمي ۽ سار سنڀال جي حوالي سان مختلف وارڊز جي مريضن کان پڇا ڳاڇا ڪئي.

ٻئي طرف سيد مراد علي شاهه ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ تي ٺهندڙ پل جو به معائنو ڪيو.

وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ان منصوبي تي ڪل لاڳت 1.2 بلين رپيا آهي، جڏهن ته 71 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*