نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو آهي ته سامونڊي علائقن ۾ مهاڻن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي

zafar abbasi neval cheif

نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو آهي ته سامونڊي علائقن ۾ مهاڻن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ميري ٽائيم تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ بحريه جي چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو ته قدرت پاڪستان کي وسيلن سان نوازيو آهي، اسان ميري ٽائيم ذريعي سامونڊي وسيلن مان فائدو وٺي سگهون ٿا.

هن چيو ته سامونڊي علائقن ۾ مهاڻن کي وڏيون تڪليفون پيش اچي رهيون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ظفر محمود عباسي وڌيڪ چيو ته ميري ٽائيم تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ به ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*