اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر شهبازشريف شريف جي پريس ڪانفرنس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي

khursheed shah

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر شهبازشريف شريف جي پريس ڪانفرنس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ ٻارڙي سان زيادتي ٿي ۽ اوهان ان قاتل کي پڪڙي تاڙيون وڄايون ، ان تي شرم اچڻ گهرجي ها.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران اپوزيشن ليڊر پاران شهبازشريف جي گذريل ڏينهن واري پريس ڪانفرنس تي سخت تنقيد ڪئي وئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته پنجاب ۾ قصور جهڙا هزارين واقعا ٿيندا رهندا آهن، اهڙن واقعو جو نتيجو زيرو آهي. انهن واقعن تي تاڙيون ڪڏهن وڄايو وينديون.

هن چيو ته 2017 ۾ زيادتي جي الزام ۾ 60 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪنهن کي به سزا نه ملي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته هڪ ٻارڙي سان زيادتي ٿي ته اوهان هڪ قاتل کي پڪڙي تاڙيون وڄايون، جنهن تي شرم اچڻ گهرجي ها.

هن چيو ته اهڙيون شيون هن ملڪ ۾ اهم عهدي تي ويٺل ماڻهو ڪري ته ان کي ٻڏي مرڻ گهرجي. اهڙن واقعن تي اسان تاڙيون ٿا وڄايون.

خورشيد شاهه چيو ته ڪنهن تي به الزام ناهيان لڳائي رهيو، انساني حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان،

هن چيو ته تاڙيون وڄائڻ جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ هڪ ٻئي جي مذمت ڪن ته پوءِ ٺهراءُ اچڻ گهرجي.

خورشيد شاهه چيو ته شهبازشريف ڪالهه سڀني جي دل آزاري ڪئي، کيس معافي وٺڻ گهرجي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*