قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم نينگري زينب جي جوابدار عمران جاچ دوران انتهائي اهم انڪشاف ڪندي 10 ٻارڙين سان زيادتي جو اعتراف ڪيو آهي

qasoor ningri agwa bad qatal

قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم نينگري زينب جي جوابدار عمران جاچ دوران انتهائي اهم انڪشاف ڪندي 10 ٻارڙين سان زيادتي جو اعتراف ڪيو آهي.

پنجاب جي علائقي قصور ۾ 7 ورهين جي معصوم نينگري زينب کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو لاش 9 جنوري تي هڪ گند جي ڍير تان مليو هو.

پوليس 14 ڏينهن تائين ڪارروائي بعد گذريل ڏينهن جوابدار عمران کي گرفتار ڪيو، جيڪو قصور ۾ ٻين 8 ٻارڙن جي قتل ۾ به ملوث آهي.

جي آءِ ٽي ذريعن موجب، جوابدار عمران جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيو ته هن زينب کي پوڻي 7 وڳي اغوا ڪيو، مناسب جڳهه نه ملڻ تي زينب کي ڏيڍ ڪلو ميٽر کان وڌيڪ فاصلي تائين گهمائيندو رهيو.

جي آءِ ٽي ذريعن موجب، جوابدار ع مران چيو ته پڪڙجڻ جي خوف سبب هو زينب کي ڪچري جي ڍير تي وٺي ويو.

جوابدار جاچ دوران وڌيڪ ٻڌايو ته جن گهرن ۾ هو ڪم ڪندو هو، انهن جي ٻارڙن کي اغوا ڪندو هو،

جوابدارن عمران ٻڌايو ته هن 8 ٻارڙين کي تعمير ٿيندڙ گهرن ۽ ٻن سان ڪچري جي ڍير تي زيادتي ڪئي.

ذريعن موجب، جوابدار عمران جاچ دوران ٻڌايو ته هو ٻارڙين کي ٽافيون ، نياز نگر ۽ وارن کي ڪلپ لڳرائڻ جي بهاني پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو.

جي آءِ ٽي ذريعن موجب، جوابدار عمران ڪجهه ڏينهن اڳ زينب جي گهر ٻاهران ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهندو هو، سندس 8 ٻارڙين سان ڊي اين اي ميچ ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٻن ٻارڙين جي ڊي اين اي فارنزڪ ثبوت ضايع ٿيڻ سبب ميچ نه ٿي سگهي آهي.

جي آءِ ٽي موجب، جوابدار عمران 10 ٻارڙين سان زيادتي جو اعتراف به ڪيو آهي.

هوڏانهن زينب جي پيءُ چيو ته جوابدار عمران زينب کي ماءُ سان ملائڻ جو چئي وٺي ويو هو، کيس سخت سزا ڏني وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*