ملتان ۾ صوفي بزرگ حضرت شاهه رڪن عالم جي عرس جون تقريبون اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهن

multan urs

ملتان ۾ صوفي بزرگ حضرت شاهه رڪن عالم جي عرس جون تقريبون اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهن، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمندن جي آمد جو سلسلو به جاري آهي.

ملتان ۾ صوفي بزرگ حضرت شاهه رڪن عالم جي 704 هين عرس جون تقريبون اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهن.

عرس جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان مريدن ۽ عقيدتمندن جو وڏو تعداد پهتل آهي.جڏهن ته سڪيورٽي انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.

حضرت شاهه رڪن عالم جي عرس جون تقريبون 3 ڏينهن تائين جاري رهنديون.

گذريل ڏينهن درگاهه جي گادي نشين شاهه محمود قريشي هر سال جيان هن سال به درگاهه کي عرق گلاب سان غسل ڏنو هو ۽ درگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري هئي.

اڄ ٻئي ڏينهن تي مينيجنگ ڊائريڪٽر ويسٽ مينجمنٽ ڪمپني انوار الحق حضرت شاهه رڪن عالم جي درگاهه جو دورو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي جي انتظامن جو جائزو  ورتو.

ايم ڊي انوار الحق چيو ته عرس کان اڳ درگاهه کي مڪمل عرق گلاب سان وهنجاريو ويو، شهرين جي آگاهي لاءِ درگاهه ٻاهران خصوصي آگاهي ڪيمپ به قائم ڪئي وئي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*