واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به ملڪگير احتجاج ڪيو ويو

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به ملڪگير احتجاج ڪيو ويو، سنڌ جي مختلف شهر ۾ آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

واپڊا جي امڪاني نجڪاري واري فيصلي خلاف واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين پاران ٻئي ڏينهن ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاج ڪيو ويو، جنهن سبب آفيسن ۾ڪارنهوار ٺپ ٿي ويو.

لاڙڪاڻو ۾ ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو نعري بازي ڪئي. حيدرآباد ۾ ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري ڪم جو بائيڪاٽ ڪيو.

سکر ۽ ميرپورخاص ۾ به ملازمن ٻي ڏينهن به آفيسن کي تالا هڻي احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ نجڪاري واري فيصلي خلاف نعريبازي ڪئي.

جيڪب آباد، نوشهرو فيروز، خيرپور، نوابشاهه، ٺٽو، سانگهڙ ۾ ملامن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پلي ڪارڊز کڻي احتجاجي مظاهرا ڪيا.

ڪنڌ ڪوٽ، بدين، عمرڪوٽ، شهدادڪوٽ، شاهپور چاڪر، پڊعيدن، محرابپور، خيرپور ناٿن شاهه، ڪوٽ غلام محمد،مير پور ماٿيلو، ڪشمور،  سنڌڙي، جهڏو، سڪرنڊ، ميرپور ماٿيلو، ڪوٽڙي، شهدادپور، تلهار، راڻيپور،  قاضي احمد ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪئي وئي، جنهن سبب آفيسن ۾ ڪارنهوار معطل رهيو

احتجاج جي سڏ تي ٽنڊو محمد خان، دادو، ڏهرڪي، ٿاڻو بولا خان ۽ دوڙ، پير جو ڳوٺ، ميهڙ، راڌڻ، سيوهڻ، ڪنري، ماتلي، سميت ٻين شهرن ۾ ملازمن ڪم جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج جاري رکيو.

واپڊا ملازمن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ناڪاره پاليسن ڪري ادار بحران جي ور چڙهيل آهن، واپڊا کي خانگائڻ سان بجلي سستي ٿيڻ بدران وڌيڪ مهانگي ٿيندي.

هنن چيو ته واپڊا مان ملازمن جي ڊائون سائيزنگ ڪرڻ لاءِ  اداري جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، جنهن کي هو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا.

هنن مطالبو ڪيو ته اداري جي نجڪاري وارو فيصلو ختم ڪري ملازمن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*