اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڀريندي چيو آهي ته سرڪار قومي سلامتي جي مسئلي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪري ۽ معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي

national assembly

اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڀريندي چيو آهي ته سرڪار قومي سلامتي جي مسئلي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪري ۽ معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي.

ڊپٽي اسپيڪرمرتضيٰ جاويد جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران شماريات ڊويزن جا جواب نه ملڻ تي ڊپٽي اسپيڪر پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر لاڳاپيل آفيسرن کي پارلياماني سيڪريٽري ۽ وزير کي سڏائڻ جي هدايت ڪئي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڀريندي اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته سرڪار قومي سلامتي جي مسئلي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪري ۽ معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي،

چوڌري نثار چيو ته عالمي طاقتون آءِ اين جي اوز جي ماڻهن کي ويزا ڏيارڻ جي نه رڳو حمايت پر سندن فنڊنگ به ڪن ٿيون.

چوڌري نثار خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي بيانن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو،

چوڌري نثار چيو ته ڪجهه ايشوز تي پارٽي سوچ پاسي تي رکي قومي سوچ اختيار ڪرڻ گهرجي، ڪنهن سان ذاتي جهيڙو ناهي، هميشه سٺين ڳالهين تي اتفاق ڪيو آهي.

ان موقعي تي  پي ٽي آءِ جي شفقت محمود پاران ڊرون حملن تي آمريڪا آڏو احتجاج ڪرڻ جي گهرُ ڪئي وئي.

ڊپٽي اسپيڪر ڊرون حملن بابت حڪومتي پاليسي بيان طلب ڪندي چيو ته بچاءَ وارو وزير ايوان ۾ اچي پاليسي بيان واضح ڪري.

اجلاس ۾ ناني وزيرارت ۽ گهرو واري وزارت لکت ۾ جواب جمع ڪرايا.

ناڻي واري وزارت موجب، جولاءِ کان نومبر 2017 تائين پرڏيهي قرضن ۾ 951 رپين جي واڌ ٿي.

ناني واري وزارت پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته 2012 ۽ 2013 کان 2017 تائين ملڪي قرضن ۾ 748 ارب رپين جي واڌ ٿي.

لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڪينيڊين رچرڊ مورن کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.

ناڻي واري وزارت موجب، رچرڊ مورن جي مقرري جاچ پڙتال ۽ ميرٽ تي ڪئي وئي آهي. 

ناڻي واري وزارت موجب، 110 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس حاصل ڪيو ويو، گذريل ٻن سالن دوران 54 هزر کان وڌيڪ ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. 

ٻئي طرف گهرو وزارت جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته سي پيڪ تحت خاص اقتصادي زون قائم ڪرڻ لاءِ 9 هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

گهرو وزارت موجب، سي پيڪ تحت سوين ايڪڙ زرعي زمين حاصل ڪرڻ واري تجويز غور هيٺ نه آهي.

گهرو وزارت پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جي 46 ملڪن کي پاڪستان ۾ بنا ويزا مفت انٽري جي اجازت آهي.

ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*