مردان ۾ معصوم ٻارڙي عاصمه کي قتل ڪندڙ جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو

Mardan-Map-6-8

مردان ۾ معصوم ٻارڙي عاصمه کي قتل ڪندڙ جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو، پوليس علائقي جي سمورن ماڻهن جو ڊيٽا حاصل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي مردان پهچي  ٻارڙي جي وارثن سان ڏک جو اظهارڪيو آهي.

مردان ۾ 15 جنوري تي معصوم ٻارڙي عاصمه جو لاش فصل مان هٿ آيو آهي  17 جنوري تي ضلعي ناظم نينگري سان زيادتي جي دعوٰي ڪندي چيو هو ته نينگري سان پوسٽ مارٽ ۾ زيادتي ٿي هئي.

ٻئي طرف پوليس قاتل کي هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگهي آهي،

خيبرپختونخواهه پوليس موجب، جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي سمورن رهواسين جي معلومات حاصل ڪري ورتي آهي، شڪي ماڻهن جي پولي گرافڪ ٽيسٽ به ڪرائي ويندي.

پوليس موجب جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ اڳڀرائي جي لاءِ عاصمه جي وارثن کان به پڇا ڳاڇا ڪئي آهي.

پوليس موجب، عاصمه جي فرانزڪ جي رپورٽ جو انتظار آهي ۽ رپورٽ جلد حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب پوليس سان رابطي ۾ آهيون.

ٻئي طرف سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي مردان پهچي وئي، جنهن ٻارڙي جي وارثن سان ملاقات ڪري ڏک جو اظهار ڪيو.

سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي پوليس کان به ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*