قصور ۾ معصوم ٻارڙِي زينب جي وحشياڻي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عمران کان وڌيڪ ڏوهن بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي

imran zainab murderer

قصور ۾ معصوم ٻارڙِي زينب جي وحشياڻي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عمران کان وڌيڪ ڏوهن بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڪيس جي ڪارروائي روزاني بنيادن تي هلائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل نينگري زينب جي قاتل عمران خان جو اعترافي بيان سامهون اچي ويو آهي.

جوابدار اعترافي ويڊيو بيان ۾ چيوآهي ته هو زينب کي والدين سان ملائڻ جي بهاني گڏ وٺي ويو هو.

جوابدر چيو ته روڊ پار ڪري ٻارڙي کي ٻي پاسي وٺي ويو جنهن تي زينب سوال ڪيو ته مان رستو وسري وڃڻ جو بهانو ڪري کيس گڏ وٺي ويس.

هن چيو ته زينب کي پوڻي ستين وڳي اغوا ڪيو، مناسب جاءِ نه ملڻ سبب زينب کي ڏيڍ ڪلو ميٽر کان وڌيڪ گڏ کڻي گهميو، اڏاوت هيٺ سوسائٽي ۾ پڪڙجڻ جي خوف سبب گند جي ڍير تي زينب کي وٺي ويو.

عمران ٻڌايو ته هو ٻارڙن کي نياز جا چانور، ٽافيون ۽ وارن ۾ لڳندڙ ڪلپ ڏيارڻ بهاني گڏ وٺي ويندو هو.

قصور ۾ معصوم ٻارڙِي زينب جي وحشياڻي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عمران کان وڌيڪ ڏوهن بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي،

ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڪيس جي ڪارروائي روزاني بنيادن تي هلائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري آهي، جنهن بعد جوابدار جي بئنڪ اڪائونٽس جي به جاچ شروع ٿي وئي آهي.

بابر اعواڻ الزام هنيو ته معاملي ۾ اهم ڌريون ملوث آهن، 8 نياڻين جي قتل ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت هئا ته جوابدار آزاد ڪيئن گهميو پئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*