پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڪرم ايجنسي ۾ ڊرون حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آمريڪي فوج کي اتر وزيرستان ۽ ڪرم ايجنسي ۾ ڪارروائي جي اجازت ڏيڻ جو ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي

dr faisal pardehi tarjuman

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڪرم ايجنسي ۾ ڊرون حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آمريڪي فوج کي اتر وزيرستان ۽ ڪرم ايجنسي ۾ ڪارروائي جي اجازت ڏيڻ جو ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي، پابندي مڙهيل تنظيمن جي نگراني لاءِ جوڙيل گڏيل قومن جي ٽيم پاڪستان پهتل آهي، جنهن سان مڪمل سهڪار ڪيو پيو وڃي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان ڪرم ايجنسي ۾ ڊرون حملي جي مذمت ڪري ٿو، آمريڪي فوج کي وزيرستان، ڪرم ايجنسي ۾ ڪارروائي جي اجازت ڏيڻ جو ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي، اهڙين ڪاررواين سان پاڪ آمريڪا رابطان تي ناڪاري اثر پون ٿا.

هن چيو ته آمريڪي ڊورن حملي بابت اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون، ڊرون حملي ۾ ڪرم ايجنسي ۾ افغان مهاجر ڪئمپ کي نشانو بڻايو ويو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي حفاظت ڪرڻ لاءِ سلامتي واري معاملي کان غافل نه آهي، آمريڪا دهشتگردن خلاف معلومات فراهم ڪري اسان پاڻ ڪارروائي ڪنداسين.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته افغان مهاجر ڪيمپس ۾ پاڪستان مخالف نصاف پڙهائڻ تي ڳڻتي آهي. ڪيمپس ۾ غيرجانبداراڻو نصاف پڙهايو وڃي. پاڪستان ان معاملي کي  گڏيل قومن ۾ اٿاريندو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ امن ڳالهن ذريعي ممڪن ٿي سگهي ٿو، 16 سالن تائين فوجي طاقت جي استعمال سان افغانستان ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. پاڪستان هميشه افغان مسئلي تي سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي.

ترجمان چيو ته پاڪستان افغان مهاجرن جي جلد واپسي واري معاملي تي زور ڏيندو رهيو آهي.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته گذريل سال ڀارتي فوج سيز فائر معاهدي جي 1970 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي. جنهن دوران ڀارتي ڊپٽِي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري احتجاج به رڪارڊ ڪرايوو يو.

ڀارت جي ميزائل تجربي بابت ترجمان چيو ته ڀارت جو ميزائل تجربو جارحاڻي پاليسي ۽ امن جي بيانن ۾ تضا جو عڪس آهي، ميزائل تجربي سان ڏکڻ ايشيا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ اضافو ٿيندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*