پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پير حميد الدين سيالوي آڏو ڪَنڌ نـِوائي ڇڏيو

shabaz sharif

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پير حميد الدين سيالوي آڏو ڪَنڌ نـِوائي ڇڏيو، شهباز شريف چيو آهي ته پير صاحب احتجاج جو سڏ واپس ورتو ۽ پارليامنٽيرنز کي ڏنل استعفائون واپس وٺڻ جي به اجازت ڏني آهي، پير سيالوي شريعت لاڳو ڪرڻ لاءِ ستن ڏينهن جي مهلت ڏني هئي

سرگوڌا ويجهو درگاهه سيال شريف ۾ پنجاب جي وڏي وزر شهبازشريف ۽ حميد الدين سيالوي وچ ۾ مختصر ملاقات ٿي.

ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي شهبازشريف چيو ته خواجا حميد الدين سيالوي احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو. جڏهن ته حضرت صاحب استعيفائون واپس وٺڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي، هاڻ پر امن سيرت النبي ڪانفرنس هوندي.

هن چيو ته هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، جيڪا ڪانفرنس جي معاملن جو جائزو وٺندي ۽ پر امن طور معاملن کي حل ڪندي.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ختم نبوت صه تي اسان جو ايمان آهي ۽ اهو اسان جي عقيدي جو حصو آهي.

هن چيو ته ڪنهن به مسلمان جو ايمان ان وقت تائين مڪمل نٿو ٿي سگهي، جيستائين اهو ختم نبوت تي ايمان نٿو آڻي.

شهبازشريف چيو ته اڳ به ڪيترائي ڀيرا سيال شريف تي حاضري ڀري آهي، اسان جي وچ ۾ اختلاف ڪجهه سياسي مخالفن ۽ مذهبي ڌڙن پيدا  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

پريس ڪانفرنس کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پير حميد الدين سيالوي آڏو ڪَنڌ به نـِوائو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*