ميهڙ ۾ يوسي چيئرمين ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي

mehar

ميهڙ ۾ يوسي چيئرمين ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته پوليس 9 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ رڳو هڪ جوابدار گرفتار ڪري سگهي آهي.

شهر جي وچ ۾ 9 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل يو سي ناظم ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي ڪيس ۾ نامزد 7 جوابدارن مان پوليس هڪ جوابدار سڪندر چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 گرفتار جوابدار کي پوليس اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي کانئس پُڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي ڪيس ۾نامزد ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو سنڌ هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*