نيب پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي هلندڙ مهيني ٻيو ڀيرو طلب ڪري ورتو

Nab-21916

نيب پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي هلندڙ مهيني ٻيو ڀيرو طلب ڪري ورتو، رائيونڊ لاءِ روڊ جي تعمير واري معاملي ۾ گهرايو ويو آهي، ان کان اڳ هو آشيانا هائوسنگ اسڪيم ڪيس ۾ نيب آڏو پيش ٿي چڪو آهي.

نيب لاهور طرفان شهبازشريف کي ٻيو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي،  ان کان اڳ 22 جنوري تي آشيانا هائوسنگ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن جي انڪوائري لاءِ طلب ڪيو ويو هو .

ذريعن موجب، نيب جي ٻئي نوٽيس ۾ رائونڊ ۾ غير قانوني روڊ جي تعمير تي جواب طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب شهباز شريف 29 جنوري تائين دستاويز ۽ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته نيب ۾ پيشي کانپوءِ شهبازشريف هڪ پريس ڪانفرنس ۾ نيب طرفان گهرائڻ واري عمل کي بدنيتي قرار ڏنو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*