آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سان نقيب الله ڪيس جي حوالي سان محسود قبيلي جي اڳواڻن ملاقات ڪري جاچ ٽيم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي

ig sindh meetup

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سان نقيب الله ڪيس جي حوالي سان محسود   قبيلي جي اڳواڻن ملاقات ڪري جاچ ٽيم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس طرفان ڪيس جي جاچ کي شفاف بڻائيندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سان نقيب الله ڪيس جي حوالي سان محسود قبيلي جي اڳواڻن جي هڪ وفد رحمت خان محسود جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي.

قبائلي اڳواڻن جي وفد جاچ ڪميٽي ۽ ان جي ميمبرن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نقيب الله محسود پوليس مقابلي جي معاملي تي جاچ ڪميٽي جي جاچ تي حوصلا بلند ٿيا آهن ۽ اسان کي يقين آهي ته اسان سان انصاف ٿيندو.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس طرفان ڪيس جي جاچ کي سمورن پهلوئن سان شفاف ۽ غير جانبدار بڻائيندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

هن چيو ته پوليس وام جي تحفظ جهڙي بنيادي فرض جي ادائگي ۾ ڏينهن رات مصروف آهي ۽ قانون جو احترام نه صرف عوام پر پوليس تي به لازمي آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته جيڪڏهن ڪوئي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*