سپريم ڪورٽ 24 منرلز واٽر ڪمپنين جي پاڻي وڪرو ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ 24 منرلز واٽر ڪمپنين جي پاڻي وڪرو ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته صاف پاڻي بابت رپورٽ اچڻ تائين پاڻي جي وڪري جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ صاف پاڻي بابت پاڻمرادي نوٽيس ي ٻڌڻي ٿي.

عدالت پاڻي تسلي بخش نه هئڻ سبب 24 منرل واٽر ڪمپنين تي پاڻي جي وڪرو ڪرڻ تي پابندي لڳائي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته صاف پاڻي جي تسلي تائين پاڻي وڪرو نه ڪيو ويندو. قوم جي مفادن کي به ڏسڻو آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪمپني جا وڪيل وڏيون فيسون وٺندا آهن پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته وڏي فيس لاءِ ڪو رليف وٺڻ ان جو حق نه آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪمپنين کي خبر هئڻ گهرجي ته گدلو پاڻي وڪرو ناهي ڪرڻو، ڪمپنيون وڏيون آهن پر پاڻي صاف نه آهي. عدالت جي تسلي تائين پاڻي وڪري جي اجازت نه هوندي.

منرل واٽر ڪمپني  جي وڪيل چيو ته پي سي ايس ڪيو اي جي رپورٽ گهرايو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته رپورٽ اسان پاڻ ئي گهرائي وٺنداسين.

چيف جسٽس ريماڪس ڏيندي چيو ته ڪمپني ان ڀُل ۾ نه رهي ته وڏو وڪيل ڪرڻ  سان رليف ملندو،

سپريم ڪورٽ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*