سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪشميرين سان ايڪتا جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي

senate

سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪشميرين سان ايڪتا جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي، سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پنجاب حڪومت شاگردن کي تحفظ فراهم ڪري، سنڌي بلوچ پشتون شاگردن کي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ، شاهي سيد چيو آهي ته پنجاب يونيورسٽي ۾ بلوچ ۽ پختون شاگرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ظلم آهي.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس دوران پنجاب يونيورسٽي ۾ شاگردن جي جهيڙي بعد بلوچ ۽ پختون شاگردن جي گرفتاري  واري معاملي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

سينيٽ چيئرمين شاهي سيد کي شاگردن ۾ ٿيل جهيڙي واري معاملي تي ڳالهائڻ کان روڪيندي سندس مائيڪ بند ڪرائي.

شاگردن جي جهيڙي واري معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تان سينيٽر شاهي سيد ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

ان موقعي تي شاهي سيخ چيو ته ته پنجاب يونيورسٽي ۾ بلوچ ۽ پختون شاگرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ظلم آهي،

احسن اقبال چيو ته معاملي کي صوبائيت جي اک سان نه ڏٺو وڃي، شاگردن کي پنجاب حڪومت ئي پڙهڻ لاء گهرايوآهي، مون سي ايم پنجاب سان معاملي بابت ڳالهايو آهي، مسئلو جلد حل ڪيو ويندو.

اعتزاز احسن  چيو ته پنجابي هجڻ جي حيثيت ۾ اسين پشتون بلوچ شاگردن سان گڏ بيٺل آهيون، سندن هڙان وڙان مدد لاء تيار آھيون،

اعتزاز احسن چيو ته چيف جسٽس کي وٽ لکپت وڃڻ گهرجي، شاگرد جيل ۾ آهن، شاگردن کي جيلن ۾ وجهڻ سان نفرتون وڌنديون، پنجاب سنڌين بلوچن ۽ پختونن جو به ايترو آهي، جيترو پنجابين جو آهي.

سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته سنڌي بلوچ پشتون شاگردن کي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ، پنجاب حڪومت جميعت جي غنڊن کي لغام ڏئي شاگردن کي تحفظ فراهم ڪري.

رضا رباني چيو ته آئون سي ايم پنجاب سان ڳالهائي سگهان ٿو، هڪ سئو شاگرد گرفتار آهن، انهن تي دهشتگردي جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، شاگرد آزاد ٿيڻ گهرجن.                     

راجا ظفر الحق چيو ته پنجاب حڪومت کي چيو آهي ته زخمي شاگردن کي جيل ۾ رکڻ بدران انهن جو  علاج ڪرايو وڃي. اميد آهي ته معاملو جلد حل ٿي ويندو.

سينيٽر راجا ظفر الحق چيو ته 180 شاگرد هن وقت تائين لکپت جيل ۾ آهن جن جي ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن.

اجلاس دوران سينيٽر نسرين جليل ڪشميري عوام سان يڪجهتي بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو.

ٺهراءُ جي متن موجب، عوام خلاف پليٽ گنز جو استعمال مذمت جوڳو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني اجلاس جي ڪارروائي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*