پرڏيهي وزير آصف چيو آهي ته ڀارت بنا جواز سرحدي ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

Khuwaja-Asif-141217

پرڏيهي وزير آصف چيو آهي ته ڀارت بنا جواز سرحدي ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، لائن آف ڪنٽرول تي 170 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، پاڪستان انڊيا سان ڪشمير سميت سمورن مسئلن جو حل چاهي ٿو، پاڪستان خلاف ڀارتي اڳواڻن جا بيان امن جي لاءِ خطرو آهن.

سينيٽ ۾ پنهنجي لکت جواب ۾ خواجه آصف چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير تڪرار سميت سمورن مسئلن جو حل چاهي ٿو.

پرڏيهي وزير آصف چيو ته ڀارت بنا جواز سرحدي ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، لائن آف ڪنٽرول تي 170 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي،

هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي 2015ع جي پاڪستان جي دوري دوران اتفاق ٿيو ته ٻطرفيون ڳالهيون شروع ڪيون وڃن، بدقسمتي آهي ته اسان جي دوستاڻن لاڳاپن جو  جواب ڀارت کان نه مليو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن سان بهتر لاڳاپن جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته چيو ته ڀارتي فوج جون ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڳڻتي جوڳيون آهن، جڏهن ته ڀارت ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي هٿ سان ڇڪتاڻ وڌائي ڇڏي آهي ۽ رڳو 24 ڏينهن دوران 11 شهيد ۽ 48 زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان خلاف ڀارتي اڳواڻن جا بيان امن جي لاءِ خطرو آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*