چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نامزدگي فارم ۾ حقيقتون لڪائڻ تي ڪو به صادق ۽ امين نٿو رهي

supreme court

چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نامزدگي فارم ۾ حقيقتون لڪائڻ تي ڪو به صادق ۽ امين نٿو رهي،  حقيقتون لڪائڻ تي اميدوار کي  نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو، پر اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته نا اهلي 5 سالن لاءِ هوندي يا تاحيات هوندي؟

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪنٽونمنٽ بورڊ ملتان جي چونڊن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته ٽريبونل بينڪ اڪائونٽ نه ٻڌائڻ تي 99 ايف تحت نااهل ڪيو، ٽربيونل جي فيصلي سان منهنجو اصيل اليڪشن ڪلاءِ تاحيات ناهل ٿي ويو آهي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پنهنجي اڪائونٽ ۾ 37 لک رپيا ظاهر نه ڪيا، نوازشريف جي ڪيس ۾ چئي ڇڏيو آهي ته اثاثا لڪائڻ بد ديانتي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪاغذن جي نامزدگي ۾ حقيقتون لڪائڻ تي ڪو به صادق ۽ امين نه ٿو رهي. آرٽيڪل 62 ون ايف جي نااهلي هڪ سال لاءِ هوندي يا تاحيات، ان جو فيصلو ڪرڻ باقي آهي.

چيف جسٽس، ثاقب نثار چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف تي لارجر بينچ 30 جنوري کان ٻڌڻي ڪري رهي آهي، لارجر بينچ آرٽيڪل 62 ون ايف تي جيڪو به فيصلو ڏيندي، اهو ئي قانون هوندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*