سنڌ جي صحت کاتي 2011ع کان هن وقت تائين 1500 ڊاڪٽر غير حاضر هئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي

Supreme-Cour-Karachi-14317

سنڌ جي صحت کاتي 2011ع کان هن وقت تائين 1500 ڊاڪٽر غير حاضر هئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو سرڪاري اسپتالن جي صورتحال بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ موجب غير حاضر ڊاڪٽرن کي برطرف ڪرڻ لاءِ سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي آهي.

سرڪاري اسپتالن جي خراب صورتحال واري معاملي تي سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو رپورٽ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

سيڪريٽري صحت 34 اسپتالن بابت 258 صفحن تي ٻڌل رپورٽ جمع ڪرائي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صحت کاتي کي ڊاڪٽرز، اسٽاف نرس، نرسز ۽ طبي عملي جي سخت کوٽ آهي.

رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 2011ع کان هن وقت تائين 1500 ڊاڪٽر غير حاضر آهن، جن ۾ 1213 ميڊيڪل آفيسر، 139 وومين ميڊيڪل آفيسر، 148 سينيئر ميڊيڪل آفيسر شامل آهن.

رپورٽ موجب غير حاضر ڊاڪٽرن ۽ عملي کي برطرف ڪرڻ لاءِ سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي آهي، اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ کانپوءِ غير حاضر ڊاڪٽرن کي برطرف ڪيو ويندو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي حاضري لازمي بڻائڻ جي لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عملي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ شفاف مقرريون ڪرڻ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي.

فضل الله پيچوهو رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته تازو ئي 5402 نوان ڊاڪٽر به ڀرتي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اوزارن ۽ ٻي مشينري جي خريداري لاءِ ٽينڊر پڻ جاري ڪيا ويا آهن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*