بلوچستان جي وڏي وزير ڪابينا سان گڏ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي

balochistan cm khi

بلوچستان جي وڏي وزير ڪابينا سان گڏ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، عبدالقدوس بزنجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو شمار ملڪ جي وڏن ليڊرن ۾ ٿئي ٿو، رائو انوار ايران جي بارڊر ڏانهن نه ٿو ڀڄي سگهي، جيڪڏهن ان طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس پڪڙيو ويندو.

بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو پنهنجي ڪابينا سان گڏ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالقدوس بزنجي جو چوڻ هو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جو شمار ملڪ جي وڏن ليڊرن ۾ ٿئي ٿو.

هن چيو ته ڪراچي اچڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات جي آڇ ڪئي آهي، جڏهن ته وڏي وزير سان فون تي حب ڊيم ۽ ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته هم خيال دوستن جي مدد سان بلوچستان ۾ تبديلي آئي آهي، سنڌ اسان جو ٻيو گهر آهي، نواز شريف به جيڪڏهن دعوت ڏني ته ضرور وينداسين.

عبدالقدوس بزنجو وڌيڪ چيو ته رائو انوار ايران جي بارڊر ڏانهن نه ٿو ڀڄي سگهي، جيڪڏهن ان طرف ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس پڪڙيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*