وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته قصور واقعي جي جوابدار عمران علي جو ڪوبه اڪائونٽ ناهي

Ahsan-Iqbal-111217

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته قصور واقعي جي جوابدار عمران علي جو ڪوبه اڪائونٽ ناهي، هڪ اينڪرخبر هلائي جنهن تي نوٽيس ورتو ويو پر بعد ۾ خبر پئي ته خبر ڪوڙي هئي، منگهڙت خبرون ڏيڻ وارن کان خبردار رهڻ جي ضرورت آهي .

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي معاملن ۾ ڪنهن سان رعايت نه ڪئي ويندي،

هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جو غلط تاثر ڏنو پيو وڃي، دشمن نٿا چاهين ته پاڪ-چين دوستي اڳتي وڌي،

وفاقي گهرو وزير چيو ته ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ لاءِ هٿ ٺوڪيون خبرون هلايون وينديون آهن،

احسن اقبال چيو ته سيڪيورٽي معاملن تي اسان سڀ متفق آهيو.سي پيڪ تي چين جو ٿورو مڃڻ گهرجي،

هن چيو ته اسان جو مقابلو امريڪا ۽ جاپان جهڙن ترقي يافته ملڪن سان ناهي، اسان کي امريڪا، جاپان ۽ برطانيا جي ضرورت آهي ،

احسن اقبال چيو ته ڪنهن به پاليسي کي تبديل نه ڪري رهيا آهيون معيشت سان گڏ ملڪ جي سيڪيورٽي کي به ڏسڻو آهي، سموريون اين جي اوز ملڪ دشمن ناهن،

هن چيو ته نادرا کي فوري طور فعال ڪري رهيا آهيون، 2018جي چونڊن کي نظر ۾ رکندي نادرا رجسٽريشن گاڏيون هلايون پيون وڃن،

هن چيو ته لکن جي تعداد ۾ شناختي ڪارڊ بلاڪ ناهن ڪيا ويا، جڏهن ته عورتن جي شناختي ڪارڊز بابت حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي.

احسن اقبال چيو ته جمهوري عمل ۾عورتن جي شرڪت، عورتن جو  حق آهي،

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته قصور واقعي جي جوابدار عمران علي جو ڪوبه اڪائونٽ ناهي، هڪ اينڪرخبر هلائي جنهن تي نوٽيس ورتو ويو پر بعد ۾ خبر پئي ته خبر ڪوڙي هئي، منگهڙت خبرون ڏيڻ وارن کان خبردار رهڻ جي ضرورت آهي ………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*